اسان جي سنڌ

اسان جي سنڌ (ڪتاب): سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد جي ”آڳاٽو ادب“ سلسلي جو پهريون ڪتاب ”اسان جي سنڌ“، اپريل 1972ع ۾ مشهور اديب ۽ پبلشر طارق اشرف، سهڻي پبليڪيشن، الهندي ڪچي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جون 1947ع ۾، موهن پنجابيءَ، باغي پبليڪيشن، هندستاني ساهتيه آستان، فريئر روڊ، ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ، نامياري شاعر شيخ اياز لکيو هو، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي حالتن تي لکيل اصلوڪين ڪهاڻين جي پسمنظر تي لکندي، شيخ اياز سنڌي هندن کي لڏپلاڻ کان روڪڻ ۽ سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا سان ڳنڍجي رهڻ جي تلقين ڪندي لکيو آهي ته هندو مسلم عوام کي متحد ٿي جاگيرداري ۽ سرمائيداري قوتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته هي ڪهاڻيون انهيءَ محبت، اتفاق، حب الوطنيءَ ۽ بغاوت جو نتيجو آهن. اڄ اسين ترقي پسند اديب هن سماج جي مدي خارج تصورن ۽ رجعت پسند خيالن سان ٽڪر کائي رهيا آهيون، جيڪي سياست حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.


لفظ اسان جي سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو